ڀارت جي آبي اڳرائي ۽ سنڌ
جڏهن کان سنڌو طاس ٺاھ کي ڀارت هڪ پاسائين طور معطل ڪيو آهي، هڪ تاثر اهو پيدا ٿيو آهي ته موديءَ پاران پاڻيءَ سان هٿ چراند جي نتيجي ۾ خاص طور تي چناب تي آباد ٿيندڙ علائقن ۾ زراعت کي ڌڪ رسندو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀارت پاران ان ٺاھ کي معطل ڪرڻ خود ان ٺاھ جي ڀڃڪڙي آهي ۽ هيٺاهينءَ واري خطي جو پاڻي بند ڪرڻ واري ڌمڪي هڪ غيراخلاقي عمل آهي، جنهن بابت پاڪستان جو موقف اصولي طور ٺيڪ آهي. ڀارت وڏي حد تائين نفسياتي جنگ ڪري رهيو آهي ڇو ته اولهندي ندين ڏانهن ايندڙ پاڻيءَ کي مڪمل طور بند ڪرڻ ان لاءِ ممڪن ناهي. چناب جو وهڪرو ڀارت کي سيراب ڪندو پنجند کان هيٺ سنڌ ڏانهن به ايندو آهي، تنهنڪري ان صورتحال جا اثر رڳو پنجاب تائين محدود نه رهندا پر ان سان سنڌ به متاثر ٿيندي. 1960ع ۾ ڪيل سنڌو طاس ٺاھ وقت به سنڌ جي آبي نقصان جو جائزو نه ورتو ويو. جڏهن اوڀرندين ندين جي علائقن کي متبادل پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ رٿائون ٺھيون ته ڀارت کان مليل معاوضي ۽ پرڏيهي ملڪن ۽ ورلڊ بئنڪ کان مليل قرض واري فنڊ مان سنڌ ۾ ڪوبه خرچ نه ڪيو ويو. ويتر سنڌو درياھ تي تربيلا ڊيم ٺاهيو ويو ۽ سنڌو درياھ مان ٻه لنڪ واھ به ڪڍيا ويا. هاڻي به چناب جو پاڻي روڪڻ جي صورت ۾ سنڌ جي ڊيلٽا، درياهي ٻيلن ۽ زرعي معيشت تي پوندڙ اثرن جو ڪير به ذڪر نٿو ڪري. ڪجهه حلقا ملڪ ۾ اندروني ڏڦيڙ وجهڻ لاءِ ھڪ بيانيو عام ڪري رهيا آهن ته ڀارت اسان جو پاڻِي بند ڪري ڇڏيندو، جنهن ڪري بنا دير جي نوان ڊيم، خاص طور تي چناب تي ننڍا ذخيرا ٺاهيا وڃن. موديءَ جي نفسياتي حملن کي بنياد بڻائي ملڪ اندر هيٺاهينءَ وارن جي مرضيءَ جي ابتڙ نوان ڊيم ٺاهڻ واري بيانئي کي عام ڪرڻ سان ملڪ ۾ عوامي راءِ ورهائڻ وارو ڪم به دراصل موديءَ جا مفاد پورا ڪندو.
سنڌو طاس ٺاھ هيٺ پاڪستان جي حوالي ٿيل ٽن اولهندين ندين جي پاڻيءَ جي حفاظت دراصل مٿانهين سنڌو طاس جون جاگرافيائي حالتون ڪن ٿيون. ڀارت کي مليل ٽن اوڀرندن درياهن جي ڀيٽ ۾، پاڪستان کي مليل اولهندا درياھ ڀارت جي حدن اندر اونهين کاهين، اڻانگن جبلن، رت ڄمائي ڇڏيندڙ گرمي پد، زلزلي جي خطرن، ڇڙوڇڙ آبادي ۽ زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ سنوت وارن ميدانن جي کوٽ واري هڪ اوکي جاگرافيائي علائقي مان گذرن ٿا. سنڌو ۽ جهلم درياءَ ڀارتي علائقي اندر ان قسم جي علائقن مان لنگھن ٿا، جتي وڏي پيماني تي پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ ان جو رخ موڙڻ جا ڪي به گهڻا موقعا موجود ناهن. ننڍن ذخيرن ذريعي هائيڊرو پاور پيدا ڪرڻ لاءِ قدرتي لاهين کي استعمال ڪرڻ کان سواءِ، ڀارت انهن ٻنهي دريائن جي مخصوص هائيڊرولاجي (پاڻي جي نظام) سان گهڻي ڇيڙڇاڙ نٿو ڪري سگهي.
چناب درياھ پڻ سوڙهين کاهين ۽ ماٿرين مان وهي ٿو، جن جي ويڪر مس 100 کان 500 ميٽر آهي. ان جي اوچائي منڍ واري وهڪري وٽ 4800 ميٽرن تان ڪِري پاڪستان جي حدن تائين پهچندي 300 ميٽر وڃي بچي ٿي. ان مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ڀارت ۾ چناب جو لنگھ ڪيترو سوڙهو ۽ تکي لاهيءَ وارو آهي. ان جاگرافيءَ سبب چناب تي به ڪو وڏو ڊيم ٻڌڻ ممڪن ناهي. تنهن هوندي به، چناب وٽ ننڍن ذخيرن جي ماڳن جو هڪ سلسلو موجود آهي، جتي ڪيترائي ننڍا ڊيم ٺاهي هٿرادو طور هيٺانهين وهڪري ۾ عارضي خلل پيدا ڪري سگهي ٿو. هن سال ڀارت ڪجهه ڏينهن لاءِ اها هٿ چراند ڪندو رهيو آهي پر ساڳي وقت ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته چناب هڪ انتهائي سگھارو درياھ آهي، جيڪو خاص طور تي اونهاري ۾ وڏن وهڪرن دوران سنڀالڻ کان چڙهي ويندو آهي. 2025ع ۾، ان پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي مچائڻ کان اڳ هندستان جي والاريل ڪشمير ۽ هماچل پرديش وارين رياستن ۾ وسنديون، عوامي اڏاوتون ۽ فصل لوڙهي ڇڏيا هئا ۽ ان جو وهڪرو 10 لک ڪيوسڪ کان به وڌي ويو هو. سو ڀارت لاءِ چناب کي مڪمل طور روڪڻ ان جي وس ۾ ناهي.
مٿانهين سنڌو طاس جي جبلن جي بناوت (هماليا، قراقرم، هندوڪش جا جبل) جي لحاظ کان جيالاجيءَ جا ماهر انهن جبلن کي نوجوان/ڪچو جبل ڪوٺين ٿا، ڇو ته انهن جي ارضياتي عمر پنج ڪروڙ سال کن مس آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اهي جبل وهڪرن سان کاڌ ڪن ٿا ۽ انهن وهڪرن ۾ تمام وڏي مقدار ۾ لَٽ وهي اچي ٿي. انهن ڀُرڪندڙ جبلن جي هنج ۾ ٺاهيل ڊيم ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت تيزيءَ سان وڃائڻ جي جوکم هيٺ هوندا آهن. تربيلا، وارسڪ ۽ منگلا ڊيم جو ڪجه ڏهاڪن اندر وڏي پيماني تي لَٽجڻ ان جو هڪ مثال آهي.
سنڌو درياھ ڀارت اندر لداخ جي برفاني جبلن مان 3000 کان 4500 ميٽرن جي اوچائيءَ تان وهي ٿو. اهو علائقو اونهين کاهين، سوڙهين ماٿرين، ڇِڊي انساني آبادي ۽ سخت سياري ۾ ڪاٽو 35 ڊگري سينٽي گري جي سخت ترين ٿڌ واري علائقي طور سڃاتو وڃي ٿو. اونهاري جي ٿورن مهينن ۾ جڏهن برف رجي ٿي ته جوَ، ڪڻڪ ۽ لوسڻ پوکڻ لاءِ سنڌو درياھ تي ڪٿي ڪٿي لفٽ ايريگيشن سسٽم وسيلي محدود سطح تي آبپاشي ڪئي ويندي آهي.
هن علائقي ۾ ڪنهن به ڊيم جي اڏاوت نه رڳو انجنيئرنگ جي لحاظ کان انتهائي ڏکيو پراجيڪٽ آهي، پر ان سان آڳاٽن ٻڌمت جي نشانين، ڪيترن ئي مٿانهين وارن ڳوٺن ۽ اهم رستن جي ٻڏڻ جو پڻ خطرو پيدا ٿيندو. هي سخت ترين علائقو زراعت لاءِ وڏي پيماني تي پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ پاڻي ورائڻ جو موقعو فراهم نٿو ڪري. هن علائقي ۾ رڳو پاڻيءَ مان بجلي ٺاهڻ وارن ننڍن هائيڊرو پاور ڊيمن جي گنجائش آهي جيڪي پاڻيءَ کي گهڻو وقت روڪي نٿا سگهن، ڇو ته انهن جو پاڻي هيٺ وهائڻ کانسواءِ بجلي نه ٺهي سگهندي. سنڌو درياھ جو گهڻو استعمال جوڳو وهڪرو ان جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پيدا ٿئي ٿو، جتي ان جو وهڪرو شيوڪ، گلگت ۽ شِگر جهڙن برفاني جبلن مان وهندڙ ڀرتو درياهن سان وڌي ان کي وڏي درياھ ۾ بدلائي ٿو.
جهلم درياءُ به ڀارت اندر نه رڳو اهڙي ئي ڏکي جاگرافيءَ مان لنگھي ٿو پر اتي آباد شهر ۽ زرخيز زمينون پڻ آهن، جيڪي ڪنهن وڏي ڊيم جي اڌاوت جي صورت ۾ موٽ وهڪري ۽ ذخيري واري ڍنڍ ۾ ٻڏي وينديون. بارامولا شهر کان مٿي، درياھ جي اوچائي اوچتو گهٽجي وڃي ٿي، جنهن سان پير پنجال وٽان ان جو لنگھ سوڙهو ٿي وڃي ٿو. ڀارت اڳي ئي اونهين کاهين مان وهڪري دوران ان تي اُڙي وٽ ٻه ننڍا ’رن آف دي ريور‘ هائيڊرو پاور منصوبا تعمير ڪري چڪو آهي پر هن علائقي ۾ ، ڪنهن به وڏي ڊيم جهڙي جڳهه موجود ناهي. ڪو به وڏو ڊيم اُڙي، بونيار ۽ شايد بارامولا جي ڀرپاسي جي ڪيترين ئي آبادين لاءِ ٻڏڻ جو خطرو پيدا ڪري سگهي ٿو. وڏو ڊيم انهن علائقن ۾ صوفن جي باغن، سارين جي ٻنين ۽ ٻين فصلن سميت زرخيز زمين کي به ٻوڙي ڇڏيندو. تنهن ڪري، پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪا به ڪوشش پاڻ هندستان لاءِ وڏي پيماني تي سماجي-اقتصادي ۽ انساني تباهيءَ جو سبب بڻجندي.
وڏي ڊيم ۾ ٻي وڏي رنڊڪ هن علائقي جي زلزلن جي تاريخ آهي. سنڌو ۽ جهلم ٻئي طاس هڪ اهڙي زلزلي واري متحرڪ زون ۾ واقع آهن، جتي تيز شدت وارن زلزلن جي تاريخ ملي ٿي. هن علائقي ۾ 2005ع ۾ 7.6 جي شدت جو تباهه ڪندڙ زلزلو آيو، جنهن ۾ پاڪستان اندر 75000 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ لکين بي گهر ٿيا. هندستاني ڪشمير ۾ به ان زلزلي هاڃو ڪيو هو. ڪو به وڏو ڊيم نه رڳو زلزلي جي جهٽڪن جو شڪار ٿي سگهي ٿو پر ڊيمن جي ڪري پيدا ٿيندڙ زلزلن جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿو. اها ڳالھ سائنسي طور ثابت ٿيل آهي ته وڏا ڊيم، پاڻيءَ جي ڳوراڻ سان زلزلا پيدا به ڪندا آهن.
هندستان چناب جي هڪ ڀرتو درياھ، چندرا مان پاڻي بياس درياءَ جي طاس ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ 8.7 ڪلوميٽر ڊگهي 'چناب-بياس لنڪسرنگھ واري رٿا جو پڻ اعلان ڪيو آهي. ان رٿا ۾ 19 ميٽر اوچو ڪنڪريٽ بئراج ٺاهڻ ۽ 4000 ميگاواٽ هائيڊل پاور پيدا ڪرڻ واريون اڏاوتون پڻ شامل آهن. ڪروڙين ڊالرن جو هي وڏو منصوبو 3000 ميٽرن جي اوچائي تي هڪ انتهائي ڏکي علائقي ۾ ٺهڻو آهي. اڄ ڪلھ هن رٿا تي پاڪستان جي سرڪاري حلقن ۽ ميڊيا ۾ وڏو بحث هلندڙ آهي. ڪجھ ماڻهن کي خدشو آهي ته ڀارت ان سرنگھ وسيلي چناب نديءَ جو پاڪستان ڏانهن ويندڙ پاڻي موڙي چڏيندو. اهي خدشا هڪ حد تائين ٺيڪ آهن پر ان رٿا جي اثرن جي شدت کي به غور سان سمجھڻ جي ضرورت آهي.
علائقي جي هائيڊرولوجيڪل (آبي) ڊيٽا مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ سرنگهه جيڪڏهن ٺهي به وئي ته اها اٽڪل 23 ملين ايڪڙ فوٽ سالياني وهڪري جو ڇڪي تاڻي هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي منتقل ڪندي، اهو به گهڻو ڪري اونهاري جي وڏن وهڪرن دوران جڏهن پاڪستان جي درياهن ۾ اڳي ئي ججھو پاڻي هوندو آهي. سياري جو وهڪرو هن جڳهه تي بنھ گھٽ هوندو آهي ڇو ته سياري ۾ گرمي پد ڪاٽو 20 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪري پوندو آهي. سُرنگھ جي پاڻي ورائڻ جيترو وهڪرو هوندو ئي جولاءِ کان سيپٽمبر وارن مهينن ۾ آهي. هي علائقو هندستاني زلزلي واري زون نمبر چار ۾ اچي ٿو، جيڪو زون پنج جي ويجهو آهي، جيڪو اولهندي هماليا جو سڀ کان وڌيڪ زلزلي جي خطرن وارو علائقو آهي. ان علائقي ۾ 7.5 کان وڌيڪ شدت جا زلزلا رڪارڊ ڪيا ويا آهن. رٿا واري علائقي ۾ لاڳيتو ننڍا ۽ وچولي درجي جا زلزلا ايندا رهندا آهن. هي علائقو برف ڄمڻ ۽ رجڻ جي عمل، سخت برفباري، برفاني لاهين، گليشيئرن جي ڳرڻ ۽ وڏن وسڪارن سبب لينڊ سلائيڊنگ (مٽيءَ جون ڇپون ڪِرڻ) جو به نشانو بڻجندو رهي ٿو.
جيتوڻيڪ هن منصوبي جي فني ۽ مالي بيهڪ ان کي عملي طور اڻ ٿيڻو بڻائي ٿي، پر تنهن هوندي به هندستان، پاڪستان سان وير جي جنون ۾ ان تي ڪم شروع ڪري سگهي ٿو. ان قسم جي ڪنهن به آبي اڳرائيءَ جا سنڌ مٿان به ناڪاري اثر پوندا. جنهن بابت اسان کي اک پٽيل رکڻ جي ضرورت آهي، ساڳي وقت مٿانهين وهڪري واري اڳرائيءَ جي خلاف گهڻ پاسائين جوابي حڪمت عمليءَ تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. اها حڪمتِ عملي صوبن کي ويڙهائيندڙ رٿائن جي شڪل ۾ نه هجڻ گھرجي. اهو رستو ملڪ ۾ ايڪي بجاءِ اندورني ڏڦيڙ پيدا ڪندو جنهن جو فائدي بجاءِ نقصان ٿيندو. عالمي سطح تي موديءَ سان سفارتي مهاڏو اٽڪائڻ کان سواءِ ملڪ ۾ پاڻيءَ جي حڪمراني بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
(روزاني ڪاوش، 14 جولاءِ 2026ع)