Naseer Memon

Articles and Resources

CLIMATE POLICY • WATER GOVERNANCE • SUSTAINABLE DEVELOPMENT   CHAMPIONING •  CLIMATE RESILIENCE •  POLICY INNOVATION

 ڪراچي: لساني سيات کان آجي ۽ بهتر حڪمرانيءَ جي ڳولا

ڪراچيءَ جي سياست ۾ عوامي حمايت کان محروم پر ٻاجهارن هٿن جي سرپرستيءَ هيٺ سياست ڪندڙ لساني گروهه پاران ڪجهه وقت کان ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري مردي ۾ نئون ساهه وڌو ويو آهي. وفاق جي علامت سڏائيندڙ گورنر هائوس ۾ گذريل هفتي سول سوسائٽيءَ جي نالي تي هڪ مخصوص سوچ رکندڙ ٽولي کي ويهاري ڪراچيءَ بابت زهريلي پروپيگنڊا ڪئي وئي آهي. سنڌي عوام جي سخت ردعمل کان پوءِ سنڌ حڪومت صوبائي اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي ورهاڱي واري مطالبي خلاف ٺهراءُ منظور ڪرايو. سٺي ڳالهه اها ٿي ته ان ۾ پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلاميءَ پاران به ان ٺهراءَ جي پٺڀرائي ڪندي سنڌ جي ورهاڱي واري مطالبي کي ٿڏيو ويو. هونئن ته ڪراچيءَ کي الڳ صوبو بڻائڻ ۽ ان کي وفاق جي انتظام هيٺ ڏيڻ وارا مطالبا نوان ناهن، پر ويجهڙ ۾ هڪ خاص لابي ان ايجنڊا تي اڳي کان وڌيڪ سرگرم ٿي وئي آهي. هن ڀيري ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين پاران ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ لاءِ ميڊيا وسيلي لڳاتار مهم به شروع ڪئي وئي آهي. ڪجهه وقت کان وفاقي وزيرن مان مائوٿ پيس طور سڃاڻپ رکندڙ ڪجهه وزيرن پاران به اهڙا بيان جاري ڪيا ويا آهن. ڪراچيءَ ۾ گل پلازا واري سانحي ۾ 70 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي سڙي وڃڻ کانپوءِ ان مهم ۾ وڌيڪ تيزي آندي وئي آهي.

ملڪ جي واحد پورٽ سٽي (گوادر اڃا ان حيثيت تي ناهي پهتو) ۽ سڀ کان وڏي ڪاروباري مرڪز هجڻ سبب ڪراچي ڪيترين ئي طاقتن جو محور بڻيل آهي. مختلف وقتن تي مختلف مفادن جي پورائي لاءِ ان شهر مان اها راند جاري رهندي آئي آهي. 1947ع ۾ شهر کي هندستان مان لڏي آيلن جي قيادت سنڌ کان الڳ ڪري وفاقي گادي بڻايو ته جيئن ته ان جي ملڪيتن ۽ معيشت تي سڌو قبضو قائم ڪري سگهجي. هندستان مان لڏي آيل ڪميونٽيءَ جي قيادت پنهنجي سياسي ڪنٽرول لاءِ ان شهر کي پنهنجي سڌي ڪنٽرول هيٺ رکڻ ضروري سمجهيو. ان مقصد لاءِ خصوصي قانون سازي ڪري مقامي آباديءَ لاءِ شهر ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ واري حق کي محدود ڪيو ويو. 1947ع ۾ اويڪيو پراپرٽي جو قانون آڻي صوبي مان لڏي ويل هندن جون ملڪيتون سرڪاري ڪنٽرول ۾ آنديون ويون. هندن وٽ گروي رکيل زمينون اصل مالڪن کي واپس ڪرڻ واري سنڌ اسيمبليءَ جي بل کي قانوني شڪل نه ڏني وئي. ائين اهي ملڪيتون هندستان مان آيلن کي ڪليمن عيوض ڏنيون ويون.

اهڙيءَ طرح 1947ع کان وٺي ون يونٽ جي سڄي دور کان ويندي 1970ع ۾ ان جي انت تائين ڪراچي عملي طور اردو ڳالهائيندڙ سياسي قيادت ۽ ڪامورا شاهيءَ جي والار هيٺ رهيو. ان سڄي عرصي دوران شهر جا اصلوڪا مالڪ سنڌي ڳالهائيندڙ عملي طور شهر جي انتظامي معاملن کان ٻاهر رکيا ويا. لکن جي انگ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ جي لڏ پلاڻ ۽ ان جي جاءِ تي لکن جي انگ ۾ ٻاهران آيل آباديءَ سبب شهر جي ڊيموگرامي به مڪمل طور تبديل ٿي وئي. ون يونٽ جي دور ۾ اولهه پاڪستان جو انتظامي مرڪز لاهور رهيو ۽ ڪراچي مڪمل طور اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي ڪنٽرول هيٺ رهيو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي قيادت ڪڏهن به ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ سرگرم نه ٿي ۽ اوهان ڪڏهن به هنن وٽان ون يونٽ جي مخالفت ۾ ڳالهه ٻولهه نه ٻڌي هوندي.

1970ع وارين چونڊن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ملڪي سطح جو اڳواڻ ٿي اڀريو، البته ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ ان وقت ڀٽي بجاءِ مذهبي تنظيمن کي چونڊن ۾ اهميت ڏني ۽ ڀٽي بجاءِ مذهبي ڌرين کي ووٽ ڏنا. ائين ڪراچيءَ جي قيادت شهر جي اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌين سان سياسي طور گڏجڻ واري هڪ موقعي کان ٻاهر رکيو. ان وقت ڪراچيءَ جا آسودا ۽ تعليم توڙي نوڪرين جي ميدان ۾ اڳڀرا ٿيل شهري، ٻهراڙين ۾ رهندڙ سنڌين کي پاڻ کان گهڻو گهٽ سمجهندا هئا ۽ سندن نظر ۾ ڀٽو به بس هڪ سنڌي ئي هو.

70ع جي ڏهاڪي ۾ اقتدار سنڀالڻ کان وٺي تختو اونڌو ٿيڻ تائين ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ وڏي عرصي کان پوءِ سنڌ جي اقتداري حلقن ۾ سنڌين جي نمائندگي ممڪن ٿي. ڪراچيءَ کي ٻيهر سنڌ جو حصو بڻايو ويو. ڀٽي جي دور ۾ ڪوٽا سسٽم کي آئيني حيثيت ملڻ سان صوبي ۽ ملڪ جي اهم انتظامي عهدن مان ڏهاڪن کان ٻاهر رکيل سنڌي آباديءَ کي بيوروڪريسيءَ ۾ پير رکڻ جو موقعو مليو. ڀٽي جي دور ۾ چڱي موچاري انگ ۾ سنڌي وزير سرڪار جو حصو بڻيا، البته ان وقت تائين سنڌي ڳالهائيندڙ انتظامي عهدن تي اڃا به محدود انگ ۾ ئي هئا، تنهن هوندي به ڪراچيءَ جي اردو آباديءَ جي قيادت کي اهو دور ماضيءَ واري مڪمل انتظامي قبضي جي ڪمزور ٿيڻ سبب پسند نه هو. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ڀٽي جي خلاف تحريڪ هلي ته ڪراچيءَ جي قيادت ان ۾ گهڻي اڳڀري هئي. کين پتو هو ته ڀٽو حڪومت جي ڊگهي عرصي تائين هلڻ جي صورت ۾ سندن سنڌ مٿان هڪ هٽي وڏيءَ حد تائين ختم ٿي ويندي. 1947ع کان پوءِ پنجن ورهين جو اهو مختصر عرصو اڄ تائين ڪراچيءَ جي سياسي قيادت اڻوڻندڙ دور طور ياد ڪندي رهندي آهي.

ضياءَ پاران ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ کان پوءِ رياستي معاملن مان سنڌين کي ٻاهر ڪڍيو ويو. 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌين پاران ضياءَ شاهي خلاف جنهن نفرت جو اظهار ڪيو ويو، ان کان پوءِ ضياءُ الحق لاءِ سنڌين کي انتظامي ۽ سياسي معاملن کان پري رکڻ اڻ ٽر ضرورت بڻجي ويو. نتيجي ۾ سياسي توڙي انتظامي معاملن ۾ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي اڳ واري هڪ هٽي بحال ٿي وئي. البته ان عرصي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي بيوروڪريسيءَ ۾ نمائندگي اڳ کان ڪجهه بهتر ٿي چڪي هئي. ضياءَ پاران سنڌ ۾ شديد عوامي نفرت ۾ واڌ کان بچڻ لاءِ ڀٽي جي دور ۾ لاڳو ٿيل ڪوٽا سسٽم ۾ ڏهن سالن جي واڌ پڻ ڪئي وئي.

80/90ع وارن ڏهاڪن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بينظير ڀٽو جي وزير اعظم ٿيڻ سان سنڌين کي ملڪي اقتدار ۾ پير رکڻ جو موقعو مليو، پر سندس حڪومت ٻه ڀيرا ڪيرائي وئي. انهن ورهين دوران ايم ڪيو ايم کي سندس حڪومت خلاف لڳاتار استعمال ڪيو ويو. ان وقت تائين سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ جي سينيئر سطح جي ڪامورا شاهيءَ ۾ چڱي موچاري نمائندگي ٿي چڪي هئي. 70ع جي ڏهاڪي ۾ قائم ٿيل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان سنڌي ڳالهائيندڙن جو هڪ وڏو انگ پروفيشنل شعبن ۾ پير رکي چڪو هو. هيٺين ۽ وچولي سطح جي عهدن تي به وڏي انگ ۾ سنڌي آفيسر اچي چڪا هئا. انهن ورهين دوران به ڪراچيءَ جي اردو آباديءَ جي قيادت اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري رهي. انهن ورهين دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ خوفناڪ دهشتگردي ۽ رتوڇاڻ ٿيندي رهي.

1999ع ۾ مشرف پاران اقتدار ۾ اچڻ سان اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي نمائندن کي سنڌ مٿان مڪمل انتظامي ڪنٽرول حاصل ٿيو. صوبي جون اهم ترين وزارتون جهڙوڪ گهرو کاتو، مڪاني ادارن وارو کاتو، صحت، تعليم، ناڻو، ترقيات وغيره سڀ سندن حوالي ٿيو. ان دور ۾ ايم ڪيو ايم نه رڳو هزارن جي انگ ۾ پنهنجا ماڻهو صوبائي ۽ شهري کاتن ۾ ڀرتي ڪرايا پر شهر جي سرڪاري زمينن ۽ پارڪن تي به وڏي پيماني تي والار ڪئي. صوبي ۾ ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ٿيڻ سان ايم ڪيو ايم شهر توڙي صوبي جي اڇي ڪاري جي مالڪ ٿي وئي ان دور ۾ ڪروڙين رپيا لنڊن سيڪريٽريٽ منتقل ٿيندا رهيا. سياسي، انتظامي ۽ مالڪي لحاظ کان ايم ڪيو ايم وٽ مڪمل ڪنٽرول رهيو، اهو ئي سبب آهي، جو اردو ڳالهائيندڙ، آباديءَ جا جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند سڏائيندڙ به ان ڊڪٽيٽر شپ کي سونهري دور سمجهندي ان جي واپسيءَ جي حسرت ڪندي نظر ايندا آهن.

مشرف جي ڏهاڪو ورهين واري ان اونداهي دور جي انت وقت بينظير ڀٽو جو قتل ٿي چڪو هو ۽ هاڻي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت آصف زرداريءَ جي شڪل ۾ هڪ بنهه مختلف ماڻهوءَ جي حوالي ٿي چڪي هئي. ان دور تائين پهچندي ڪراچيءَ ۾ نه رڳو ڪامورا شاهيءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ اهم عهدن تي پهچي چڪا هئا، پر سنڌي آباديءَ جو انگ به ڪراچيءَ ۾ اڳي کان گهڻو وڌي چڪو هو. زرداريءَ جي پيپلز پارٽي انهن سڀني هنرن ۾ ڀڙ آهي، جيڪي ڪراچيءَ جي اردو آباديءَ جي قيادت ڏهاڪن کان آزمائي رهي هئي. اسٽيبلشمينٽ جو نئون مهرو نه رڳو اسٽيبلشمينٽ سان ڏيتي ليتي جا سمورا گر ڄاڻيندڙ آهي، پر شهرن ۾ زمينن کان وٺي ڪمائي جي سمورن ذريعن جي به اندر ٻاهر کان واقف آهي. نتيجي ۾ نئون کلاڙي سنڌ اندر نه رڳو پارٽي حڪومت کي لڳاتار قائم رکندو آيو آهي، پر هن ڪراچيءَ ۾ ڪمائيءَ جي سمورن وسيلن کي مرضيءَ سان هلائڻ لاءِ پنهنجي ٽيم به ٺاهي ورتي. ايم ڪيو ايم تي واڳ ڌڻين جي ڪاوڙ کان پوءِ اسلام آباد ۽ پنڊيءَ مان ملندڙ سرپرستي به اڳ جهڙي نه رهي. مٿان وري پي ٽي آءِ ڪراچيءَ جي ووٽ بئنڪ تي والار ڪري ورتي، هوڏانهن سنڌي، پشتو ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ جي آباديءَ جو انگ به شهر ۾ تيزيءَ سان وڌي ويو. اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جا پڙهيا لکيا ماڻهو اڳي ئي شهر جي حالتن سبب پرڏيهه لڏيندا رهيا هئا. ان سڄي صورتحال جو نتيجو اهو نڪتو جو اردو ڳالهائيندڙن جي قيادت کي سخت ڳڻتي ٿي وئي ته شهر مٿان هاڻي اڳي جهڙو قبضو نه رهيو آهي.

1998ع ۾ ٿيل آدم ڳڻپ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي شهر جي ڪل آبادي جو 48.5 سيڪڙو هئي، جيڪا 2017ع ۾ گهٽجي 42 سيڪڙو وڃي بچي هئي. 2023ع ۾ اهو حصو گهٽجي 35 کان 40 سيڪڙو اچي رهيو هو، جنهن کي خاص فرمائش تي آخر ۾ تبديل ڪرائي 50 سيڪڙو ڏيکاريو ويو. ايم ڪيو ايم کي خبر آهي ته سندن راند هاڻي پڄاڻيءَ تي پهچي چڪي آهي، اسٽيبلشمينٽ گذريل چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي ٻاهر رکڻ لاءِ کين سنڌ ۾ ڪجهه سيٽون کٽرايون، پر کين اصل حقيقت چڱيءَ ريت خبر آهي ته کين شهر مان اردو آباديءَ به ووٽ ناهن ڏنا. مٿان وري مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ شهري حڪومت به کانئن ڦري ورتي. ان سڄيءَ صورتحال ۾ شهر جي زمينن ۽ ڀتن تان به سندن والار ختم ٿي چڪي آهي. ان نفرتي ٽولي وٽ هاڻي سواءِ ڪراچيءَ کي الڳ ڪري صوبو ٺاهڻ يا وفاق حوالي ڪرڻ واري تعصبي سياست جي ڪجهه به ناهي بچيو. گل پلازا واقعي کين هڪ نئون وجهه فراهم ڪري ڏنو آهي، شهر جو انفرااسٽڪچر ۽ عوامي سهولتون اڳ جيتريون ئي سٺيون يا خراب آهن، انهن تي روڄ راڙو به اڳ جيان ئي هلندڙ آهي. ان ڪريل مهم ۾ سندن ساٿاري اها بدبودار مين اسٽريم ميڊيا آهي، جيڪا شهر جي مسئلن کي هر وقت لساني رنگ ڏيندي رهي ٿي. ان تعصبي گورهه کي ڪراچيءَ واسين يا سندن مسئلن سان ڪا به همدردي ناهي، سندن اصل مسئلو ڪراچيءَ جي وسيلن تان سندن هڪ هٽي ختم ٿيڻ آهي. اسٽيبلشمينٽ کي مليل نئين ساٿاري جي شڪل ۾ هڪ اهڙو اتحادي ملي ويو آهي، جيڪو سندن سمورا مطالبا پورا ڪري ٿو ته سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪن کي ٻنجو به ڏئي ويٺو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ واسي وري به تڪراري واهن جهڙن مسئلن ۾ پ پ قيادت کي اسٽيبلشمينٽ جي خواهش پوري ڪرڻ نه ٿا ڏين، تنهن هوندي به ٻن صوبن ۾ هٿيار بند بغاوتن ۾ منجهيل اسٽيبلشمينٽ کي سنڌ واري پاسي کان ڪجهه رليف مليل آهي.

اها ڳالهه لساني نفرت جي سياست ڪندڙ گروهه لاءِ وڏي ڳڻتيءَ واري آهي ته اسٽيبلشمينٽ سنڌ ۾ سندن بجاءِ پيپلز پارٽيءَ کي اتحادي بڻائي کين نڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي. ان جي نتيجي ۾ ڏهاڪن تائين ڪراچيءَ جي انتظامي ۽ شهري معاملن ۾ ٻاهر رکيل سنڌي هن شهر ۾ هڪ اهم ڌر بڻجي رهيا آهن. پيپلز پارٽيءَ کي اسٽيبلشمينٽ ڀائيواري ته ڏني آهي پر ان کي اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اسٽيبلشمينٽ ڪراچيءَ کي هڪ حد تائين مستحڪم به رکڻ گهرندي. اها ڪراچيءَ جي ڪاروباري اهميت کي سمجهندي اتي ٽڪراءَ واري سياست کي ٻيهر سرگرم ٿيندي نه ڏسڻ چاهيندي. لساني نفرتي ٽولي جو تعصب پنهنجي جاءِ تي پر ڪراچي جا ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ مسئلا پڻ هڪ حقيقت آهن، شهر جو انفراسٽڪچر ۽ عوامي سهولتون خراب حالت ۾ آهن. پ پ جي انتظامي مشينري گهڻي ڀاڱي ميرٽ کان وانجهيل ۽ ڪل وقتي طور مال ميڙڻ ۾ رڌل رهي ٿي. نتيجي ۾ شهر جو انتظامي ڍانچو به باقي سنڌ جيان برباد ٿي چڪو آهي. نااهلي ۽ رشوت جي اهڙي ڪرڀ جوڳي گڏپ سبب شهري آباديءَ ۽ حڪومت خلاف جيڪو اوٻر آهي، ان کي لساني سياست ڪندڙ گروهه پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. ان صورتحال جي نتيجي ۾ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ الڳ صوبو بڻائڻ جا مطالبا سياسي ڇڪ پيدا ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي پنجاب جي گاديءَ واري هنڌ لاهور ۾ ايندڙ بهتري سبب ڪراچيءَ جا رهواسي ان سان ڀيٽ ڪرڻ لڳا آهن، نتيجي ۾ پ پ سرڪار جي لاپرواهي ۽ خراب حڪمرانيءَ سبب نفرتي ٽولي جو بيانيو سگهارو ٿي رهيو آهي. اهو گروهه وڏي مهارت سان سرڪار جي انتظامي نااهلي کي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت خلاف استعمال ڪري رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪروڙين ماڻهو سڀ جا سڀ لساني نفرت نه ٿا رکن پر سرڪار جي غلط پاليسين سبب سنڌ ۽ سنڌين بابت عوامي تاثر خراب ٿي رهيو آهي. ڪراچيءَ جي انتظامي بهتري ۽ عوامي خدمتن جي ڍانچي ۾ سڌارو هڪ جائز مطالبو آهي، جنهن جو پڙاڏو سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. سڄي سنڌ ۾ ميونسپل سروسز جي حالت بدتر ٿيل آهي.

ڪراچيءَ جو انتظامي سڌارو هاڻي ڪنهن هڪ ڌر جي نه پر مجموعي طور سنڌ واسين جي فائدي ۾ آهي، سنڌي ڳالهائيندڙن جو به تمام وڏو انگ هن شهر ۾ رهي ٿو ۽ اهو هوريان هوريان شهر جي معاشي ڍانچي جو حصو پڻ بڻجي رهيو آهي. سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ جي وچولي طبقي جو هڪ نسل شهري ماحول ۾ اسريو آهي، جيڪو ڪراچيءَ جي تعليمي، معاشي ۽ سماجي ڍانچي سان سلهاڙيل آهي. اهو نسل شارٽ ڪٽ بجاءِ چٽا ڀيٽي ۽ ميرٽ جي بنياد تي پنهنجا رستا ٺاهي رهيو آهي. جيئن جيئن اهو نسل تعليم، هنر ۽ ڪاروبار جي ميدان ۾ پنهنجا بنياد پختا ڪري رهيو آهي، نسل پرست گروهن کي پنهنجو آئيندو اونداهو نظر اچي رهيو آهي. خود نفرت جي سياست کي ڪراچيءَ جا اردو ڳالهائيندڙ پڻ رد ڪري رهيا آهن. انهن هاڪاري لاڙن کي پختو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ سرڪار ڪراچيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اهل ماڻهن جي ٽيم جوڙي، جيڪا شهرين جي زندگين مان عذاب گهٽائڻ لاءِ ڪي عملي اپاءَ وٺي. اها الڳ ڳالهه آهي ته نسل پرست گروهه ڪراچيءَ ۾ ڪيترو به سڌارو اچي، ان جي آجيان ڪرڻ بدران ڪنهن نه ڪنهن بهاني پنهنجي نفرتي سياست جاري رکندو، پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ضرور ٿيندو ته کين عوامي موٽ نه ملي سگهندي.

لساني مٿڀرائي واري ڪمپليڪس ۾ ورتل گروهه اٺن ڏهاڪن کان سنڌين بابت ميڊيا وسيلي جيڪو ناڪاري تاثر قائم ڪيو هو، ان کي ميسارڻ لاءِ سنڌي آباديءَ کي وڌيڪ چٽاڀيٽي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي سرڪاري نوڪرين تائين محدود رهڻ بجاءِ شهر جي ڪاروباري معيشت ڏانهن به لاڙو ڪري. اڳي پوءِ ڪراچي جهڙن گهڻن نسلي ميٽروپوليشن شهرن جي اصل سگهه پروفيشنلز ۽ ڪاروباري طبقو هوندو آهي. لساني نفرتي ٽولي کي ان ڏينهن جي ستت اچڻ جي به ڳڻتي آهي، ڪراچي ۾ ڪجهه ورهين کان سنڌي ثقافتي ڏهاڙي تي ڪراچي جي مکيه شاهراهن تي سنڌي ثقافت جي وڏي پيماني تي ٿيندڙ سرگرميون به سندن تعصبي ردعمل جو نشانو رهيون آهن. کين ڪراچيءَ ۾ سنڌي آباديءَ جي واڌ ۽ سگهارو ٿيڻ سبب سخت پريشاني آهي.

ان تعصبي ٽولي جي نظر ۾ ڪراچي اڃا تائين پنجاهه ورهيه اڳ جيان سندن جاگير بڻيل آهي، ۽ سنڌي اڃا تائين ڳوٺن ۾ هارپو ڪندڙ وڏيرن جا غلام آهن. هنن تعصبي اردو ڊرامن ۾ جيڪي مفلس ۽ ويچارا ٿيل سنڌي ڏٺا هئا، اهي هاڻي پڙهي لکي، چٽا ڀيٽي جي دروازن مان لنگهي سيڪريٽري، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن اهڙا آفيسر ڪراچي ۾ وڏي انگ ۾ مقرر ٿين ٿا ۽ هنن شهري وڏيرن کي پنهنجي ڪمن ڪارين لاءِ کانئن ٽائيم وٺڻو ٿو پئي ته کين ائين ئي تڪليف ٿئي ٿي، جيئن ڪنهن وڏيري کي پنهنجي ڪنهن هاريءَ جي پڙهيل لکيل پٽ سان آفيسن ۾ وڃي ملڻو پئي. جڏهن تعصبي ٽولو، ٻهراڙين مان اسري آيل ان نسل کي ايترن سارن اهم عهدن تي ويٺل ڏسي ٿو ته سندن اندر سڙي ڪوئلي ٿي وڃي ٿو ۽ هو نفرت مان غير مقامي جهڙا بڇان ڏيندڙ لفظ استعمال ڪن ٿا. کين پنهنجي ماضيءَ جون شاهي حڪمرانيون ياد اچن ٿيون ته سندن ننڊ ڦٽي ٿي وڃي.

سنڌ صوبي جي هاڻوڪي سياسي بيهڪ ۾ نفرتي ٽولي لاءِ اڳ جهڙيون قبضي گيريون ممڪن ناهن رهيون، ارڙهين ترميم کانپوءِ اهم سياسي ۽ انتظامي فيصلا صوبائي حڪومتن وٽ آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ان گروهه کي ارڙهين ترميم بدران مرڪزيت پسند وفاق وڌيڪ وڻندو آهي.  خود پيپلز پارٽي بهرحال ارڙهين ترميم جو لاڀ هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اهو ئي رويو چئني صوبن جي حڪومتن جو آهي. اسلام آباد مان اختيارين ۽ وسيلن کي صوبن ۾ آڻي نئين قسم جي مرڪزيت قائم ڪئي وئي آهي. اهي اختيار ۽ وسيلا صوبن جي عوام جي اڪثريت جون زندگيون سڌارڻ بدران هڪ مخصوص گروهه جي ڦرلٽ جي ور چڙهي رهيا آهن. سنڌ جي سمورن شهرن توڙي ٻهراڙين کي ارڙهين ترميم جو ثمر عوام جون زندگيون بهتر ٿيڻ جي شڪل ۾ ملڻ گهرجي. ساڳي طرح ڪراچي شهر کي معياري سياست ۽ انتظاميا جي ضرورت آهي، ته جيئن ان کي لساني گروهه جي نفرت واري سياست کان بچائي سگهجي.

هڪ بنيادي حقيقت ڪراچيءَ جهڙن ميٽروپوليشن شهر سان ڳنڍيل آهي، ته انهن شهرن ۾ ڪنهن هڪ قوم يا نسل جي هڪ هٽي ممڪن ناهي هوندي. هن وقت ڪراچيءَ جي بدليل ڊيموگرافيءَ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مخلتف ٻوليون ڳالهائيندڙ آباديءَ جي اڪثريت آهي، تنهنڪري شهر جي سياسي ۽ انتظامي معاملن ۾ سڀني کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نسلي سياست خود ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي باقي قومن ۽ برادرين کان ڪٽي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. 1985ع کان شروع ٿيل نسلي دهشتگردي واري سياست اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي سڀني کان وڌيڪ نقصان پهچايو آهي. ڪراچيءَ کي باقي سنڌ کان ڪٽي الڳ ڪرڻ واري سياست اردو آبادي لاءِ وڌيڪ اڪيلائي پيدا ڪندي. شهر جي حدن ۾ محدود رهندڙ ماڻهن کي اهو اندازو ئي ناهي ته ان قسم جي جاگرافيائي ۽ انتظامي ورهاست عملي طور ممڪن ئي ناهي. ڪراچي شهر پيئڻ جي پاڻي، اناج، گوشت ڀاڄي ۽ اچ وڃ جي لنگهه طور سنڌ جي باقي علائقن تي ايترو گهڻو دارمدار رکي ٿو، جو ان جو الڳ جياپو ممڪن ئي ناهي.

جيتوڻيڪ ڪراچي ملڪي ۽ صوبائي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، پر ان جي ٽيڪسز ۾ ڀائيواري بابت گهڻي وڌاءُ تي ٻڌل انگ اکر حقيقت کان گهڻو پري آهن. سنڌ جي باقي ضلعن ۾ ٿيندڙ معاشي سرگرمين جو صوبي جي معيشت ۾ مالي حصو تمام گهڻو آهي، جنهن جي ڪٿ رڳو ڪراچي جي هيڊ آفيسن ۾ فائيل ٿيندڙ ٽيڪسز رٽنرز جي آڌار تي نه ٿي ڪري سگهجي. ٻي ڳالهه ته جنهن نسلي گروهه پاران ڪراچي جي آمدنيءَ جا قصا ٻڌايا ٿا وڃن، انهن کي اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي، ته ڪراچي جي آمدني جو وڏو مرڪز ڪياماڙي ۽ ملير ضلعا آهن، جتي ٻئي سامونڊي بندر موجود آهن. انهن ضلعن جي ڊيموگرافي ۾ ان لساني گروهه جي ڀائيواري تمام ٿوري آهي. تنهنڪري ڪراچي جي معاشي سگهه کي ڪنهن هڪ لساني گروهه جي ملڪيت سمجهڻ وارو تاثر پڻ بي بنياد آهي. ڪراچي جي جائز مسئلن کي شهري مسئلن بدران انهن کي لساني گروهي رنگ ڏيڻ سان اهي حل ٿيڻ بدران وڌيڪ بگاڙ جو شڪار ٿيندا. ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪراچي رڳو هڪ شهر نه پر ستن ضلعن تي ٻڌل ڊويزن آهي، جن جي ڊيموگرافي ۽ معيشت هڪ ٻئي کان مختلف آهي. ٻي اهم ڳالهه ته جيڪي ڌريون ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جا مطالبا ڪنديون رهن ٿيون، اهي شهر واسين کي اهو ٻڌائين ته شهر جي بجلي، گئس ۽ ريلوي ٽرانسپورٽ جا کاتا اڳي ئي وفاق وٽ آهن، انهن جي ڪارڪردگي ايڏي خراب ڇو آهي؟، اهو وفاق ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ٻه سئو ڪلوميٽرن جو چڱو موٽر وي به ناهي ڏئي سگهيو. ڪراچي ۾ ويهي اسلام آباد مان ان جو انتظام هلائڻ جا ان خواهش جا پير زمين تي نه پر هوا ۾ ٽنگيل آهن.

ڪراچي جي مسئلن جو جٽادار حل ان کي باقي سنڌ سان سلهاڙي رکڻ ۽ ان کي نسلي سياست بدران شهري مسئلن جي جدوجهد سان ڳنڍڻ ۾ آهي. ڪراچي جي مخصوص سماجي ۽ معاشي بيهڪ سبب ان کي گروهي سياست نه اڳ ڪڏهن فائدو ڏنو ۽ نه آئينده ڏئي سگهندي. ڪراچي ان ئي سياسي ماحول ۾ ساهه کڻي رهي آهي، جنهن ۾ باقي سڄو ملڪ ۽ سڄو سنڌ صوبو آهي. ٽڪراءَ ۽ نفرت جي سياست ڪراچي شهر ۽ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جا اهنج گهٽائڻ بدران ان ۾ واڌارو ڪندي. نه رڳو ڪراچي ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ رهندڙ لڳ ڀڳ 24 لک اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ مقامي آباديءَ سان گڏجي زندگي گذاري رهي آهي، اها ان قسم جو لساني ورهاڱو نه ٿي ڏسڻ گهري. ڪراچيءَ کان ٻاهر سڄي صوبي ۾ پکڙيل اها وڏي آبادي ثقافتي طور سنڌين سان سلهاڙيل آهي. انهن جا ڪاروبار، زمينداريون ۽ مٽيون مائٽيون به سنڌين سان آهن، اهي ان نفرتي سياست جو حصو بڻجن نه ٿيون چاهين. خود ڪراچي شهر اندر رهندڙ لکين اردو ڳالهائيندڙ ماضيءَ ۾ لساني سياست سبب کين پهتل نقصان سبب ان قسم جي ٽڪراءَ واري سياست جا حامي ناهن.

نفرتي لساني سياست ڪندڙ گروهه اهي حقيقتون شهري آبادي کي ٻڌائڻ بدران کين جنهن سياسي خواب ۽ خمار ۾ وڪوڙي رکيو آهي، ان سان کين لڳي ٿو ته اسلام آباد هڪ حڪمنامو جاري ڪري ڪراچي باقي سنڌ کان الڳ ڪري ڇڏيندو ۽ ٻئي ڏينهن کان ڪراچي سندن ملڪيت بڻجي ويندو. هي نه 1947ع وارو دور آهي نه مشرف جي بدمست آمريت وارو دور آهي. ڪراچي ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو آهي، جنهن جو شهري آباديءَ جي وڏي حصي کي هاڻي ادراڪ به ٿي چڪو آهي، اهو ئي سبب آهي جو 2018ع کان هنن نسلي سياست ڪرڻ بدران وفاقي سياست ڪندڙ پي ٽي آءِ ڏانهن لاڙو شروع ڪيو ۽ گذريل مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي پڻ موٽ ڏني آهي. اها سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته شهر کي بهتر سياست ۽ انتظاميا فراهم ڪري ته جيئن لساني نفرت کان پري ٿيندڙ عام شهرين کي ٻيهر ان تعصبي گروهه جي ور چڙهڻ کان بچائي سگهجي. هڪ سڌريل سگهاري معيشت وارو محفوظ ڪراچي شهر سڄي سنڌ ۽ ملڪ جي مفاد وٽان آهي.

(روزاني ڪاوش،24-25 فيبروري 2026ع)